سامونڊي طوفان بائپر جواءِ اڄ پاڪستان ۾ داخل ٿيندو، ڪيٽي بندر ۾ تيز برسات، بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا

سامونڊي طوفان بائپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي ڪيٽي بندر شهر مان شهرين جي لڏ پلاڻ جو سلسلو مڪمل ڪيو ويو آهي. سامونڊي طوفان جي اڄ پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو ڪيٽي بندر سان ٽڪرائجندو.ڪيٽي بندر ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. تيز هوائن سبب دڪانن جون چادرون اڏامي ويون ۽ بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا.موسميات کاتي موجب طوفان دوران ڪيٽي بندر ۽ چوڌاري سامونڊي ويرون 8 کان 12 فٽ بلند ٿي سگهن ٿيون.طوفان ڪراچي کان 247 ڪلو ميٽر ۽ ڪيٽي بندر کان 181 ڪلو ميٽر پري آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي سامونڊي علائقن مان 73 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي پر هدايتن جي باوجود ڪجهه ماڻهو اڃان تائين سامونڊي علائقن ۾ موجود آهن انهن گهر ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.