پاڪستان: کي آمريڪا يا چين مان ڪنهن هڪ کي چونڊ ڪرڻ جو نه چيو وڃي: حنا رباني

پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کهر چيو آهي ته پاڪستان کي آمريڪا يا چين مان ڪنهن هڪ کي چونڊ ڪرڻ جو نه چيو وڃي. واشنگٽن ۽ بيجنگ وچ ۾ وڌندڙ دشمني دوران پاڪستان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جي خواهش نٿو رکي.آمريڪي اخبار کي انٽرويو ۾ حنا رباني کهر چيو آهي ته آمريڪا چين تڪرار جي اثرن جي باري ۾ پاڪستان فڪرمند آهي. دنيا کي ٻن بلاڪن ۾ ورهائڻ جي سوچ مان اسان کي خطرو آهي. دنيا کي وڌيڪ ورهائڻ واري ڪابه شيءِ ڳڻتي جوڳي آهي.هن چيو ته اسان جي آمريڪا سان ويجهن لاڳاپن جي هڪ تاريخ آهي جنهن کي ڇڏڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي. چين سان هميشه اسان جو ويجهو تعاون به هڪ حقيقت آهي ۽ چين پاڪستان جي لاءِ سڀني کان وڏو سيلنگ پوائنٽ آهي جيڪو وڏي آبادي کان غربت مان ڪڍڻ جو هڪ معاشي مادل آهي.هن چيو ته پاڪستان کي آمريڪا يا چين مان ڪنهن هڪ کي چونڊ ڪرڻ جو نه چيو وڃي. واشنگٽن ۽ بيجنگ ۾ وڌندڙ دشمني ۾ پاڪستان ڪنهن هڪ کي چونڊ ڪرڻ جي خواهش نٿو رکي. حنا رباني کهر چيو ته افغانستان جون حالتون پاڪستان جي لاءِ سيڪيورٽي جا مسئلا وڌائي رهيون آهن. افغانستان بابت آمريڪي پاليسي جو الٽو اثر ٿي رهيو آهي. خطي ۾ سياسي، معاشي بهتري جي لاءِ پاڪستان ۽ افغان طالبان کان سفارتي طريقي سان ڊيل ڪري رهيو آهي. جارحيت ۽ ڌمڪي سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي آهي.حنا رباني کهر وڌيڪ چيو ته مشڪل ترين حالتن ۾ به اسان سفارتي رستو ئي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آمريڪا، چين ڪنهن طرفان به فوي مداخلت کي ترجيح نه ڏينداسين.