خبرموجب ڪنڌڪوٽ مونسپل ڪميٽي جي ڪچن سينيٽري ورڪرز ۽ ميونسپل جي پڪن ملازمن جو پگھارون نه وڌائڻ خلاف مونسپل ڪميٽي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاھري دوران ملازمن حضور بخش شاھنواز شير محمد لياقت علي حسين بخش ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مونسپل ڪميٽي جو ايڊ منسٽر مقصود جتوئي اسان جي ھر مھيني ۾ پگھارن ڪٽي رھيو آھي مٿان کان اسان جي 32 ھزار پگھار آهي پرايڊ منسٽر اسان کي 13 ھزار پگھار ڏيئي رھيو آھي اسان کي پوري پگھار ڏني وڃي ھنن چيوتہ پڪن ملازمن جون ويھ سالن کان وٺي نه پيو ڏنووڃي سالن کان ڪابه نيو ڀرتي نہ ٿي آھي اسان سان ظلم آھي ته اسان جون پگھارون ويھ تاريخ تہ ايندي آهي پر اسان کي ٻي مھيني جي پندرھ تاريخ تہ ڏيندا آهن ھو ديرسا ان ڪري ڏيندا آهن ھو بينڪ ۾ انوسيٽ ڪندا آهن ھنن چيوتہ ايڊ منسٽر مقصود جتوئي ڪرپٽ آفسر آھي ھن کي ھٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ھواسان جي پگھارون مان ڪٽوتي ڪري عياشيون ڪري پيو اسين عوام جي خدمت ڪيون پيا اسين سنڌ حڪومت ۽ ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي کي اپيل ڪيون ٿا تہ راشي ايڊ منسٽر کي ھٽايو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي