جيڪب آباد ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.پوليس موجب هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اھلڪار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، صدر ٿاڻي جي حد ۾ ڪپل اسٽاپ ڀرسان ڳوٺ سچل ٽالاڻي تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار غلام غلام مصطفيٰ ٽالاڻي، سندس ڀاءُ غلام قادر ٽالاڻي ۽ امان الله ٽالاڻي قتل ٿي ويا آهن.پوليس موجب واقعو ٽالاڻي برادري ۾ پراڻي دشمني سبب پيش آيو، مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس موجب ناڪابندي ڪئي پئي وڃي.