ڪنڌڪوٽ: ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس جي ڪارروائي. جوابدارن جي پوليس تي راڪيٽ لانچر سميت جديد هٿيارن سان حملو .پوليس جون شيلنگ سبب 3 اي پي سي نڪاره ٿي ويون. پوليس جوابدارن جي گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. پوليس ٽيم سردار سندراڻي جي ڳوٺ جو گهيرو ڪيو. گهيرو ختم ڪرائڻ لاءِ جوابدارن جديد هٿيارن سان پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جو تبادلہ ٿيو، پوليس جي جوابي فائرنگ سبب جوابدار فرار ٿي ويا، علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، جنهن تي پوليس جي وڌيڪ نفري کي طلب ڪري ورتي . ڪچي ۾ پوليس آپريشن ۾ اي پي سي چين بڪتر بند گاڏين ۽ جديد مشينري جو استعمال ڪيو ويو ، جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي عرفان علي سمون ٻڌايو ته پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي عرفان علي سمون چيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو ويندو. هن چيو ته پوليس تي حملا ڪندڙن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته جوابدارن جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ساڙيو ويو آهي. جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو