سکر: مڪي شاهه ٽائون ڪميٽي يوسي 11 جي چيئرمين عبدالسميع پيرزاده علائقائي امن امان جي حوالي سان عوامي ميٽنگ سڏائي

مڪي شاهه ٽائون ڪميٽي يوسي 11 جي چيئرمين عبدالسميع پيرزادو حلف کڻي علائقائي مسئلن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو ۽ نئون پنڊ جي کهوسه محلا ۾ رفيق کوسو جي رهائشگاهه تي عوامي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ ايس ايڇ او، عبدالحمید مهر، عمران پيرزادو،منٺار ميمڻ، نثار وسیر، ضمير گهنيو ۽ ٻيا مقامي ماڻهو شريڪ ٿيا، ايس، ايڇ، او، عبدالحمید مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مونکي چارج سنڀاليندي ڏيڊ مهينوٿيو آهي ۽ اسان ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي هدايتن تي عمل ڪندي ڏوهارين ۽ منشيات کي ڪريڪڊائون ڪندي منشيات جي اڏن تي ڇاپا هڻي ايف آر ڪري کين ڏوهن ۾ گهٽتائي آندي آهي، جڏهن ته چيئرمين عبدالسميع پيرزادو ۽ علائقي واسين ٻڌايو ته ايس ايڇ او عبدالحمید مهر جي اچڻ سان امن جي سورتحال ڪافي بهتر ٿي آهي ڇو جو اسان جڏهن به ڏٽو اڪثر ڏينهن رات گشت ڪندي ڏٺو آهي پر هن علائقي جي حوالي سان تهاڻي تي پوليس اهلڪار به وڌايا وڃن ته اهلڪارن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان اپيل ٿا ڪيون ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کي ته نيو پنڊ ٿاڻي جي اهلڪارن ۾ اضافو ڪيو وڃي ته جيئن امن امان جي صورتحال بحال رهي سگهي.