تلهار لڳ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 6 ڄڻا زخمي

تلهار لڳ ڳوٺ محسن سومرو ۾ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳال تان جهيڙو لٺيون ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ ڌر جا 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.جڏهن ته زخمين ۾ حاجي سومرو، شاهد سومرو، گل محمد سومرو، الله بچايو، سليم سجاد سومرو، شامل آھن. زخمين کي ڳوٺاڻن طبي امداد لاءِ تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو ويو آھي، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني ويئي آھي.هوڏانهن 3 زخمين حاجي سومرو، شاهد سومرو، گل محمد سومرو جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب ٽنهي زخمين کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي.جڏهن ته پوليس جهيڙي واري هنڌ رواني ٿي ويئي آھي. ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳال تان جهيڙي سبب ڳوٺ محسن سومرو ۾ خوف واري صورتحال ڇائجي ويئي آھي.