ٺڪراٺو ۾ ڦورن جو فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو زخمي اسپتال منتقل خبر موجب پني عاقل کان ٺڪراٺي مرغي سپلا۽ ڪرڻ لا۽ آيل سوزوڪي سوارن عبدالحميد ڪلوڙ ۽ ضمير سومرو کان روپھر لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل سوار 3 ڦورن پاران ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڦورن جي فائرنگ ۾ روپھر واسي نوجوان قربان مھر زخمي ٿي پيو جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو فائرنگ جو آواز ٻڌي ڪيترائي ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا جيڪي ڦورن جي پٺيان ويا آھن ان سلسلي ۾ ڦر کان بچي ويل مرغي سپلا۽ ڪندڙ پني عاقل واسي عبدالحميد ڪلوڙ ٻڌايو ته ٺڪراٺي کان واپس اچي رھيا ھئاسين ته موٽرسائيڪل سوار ڦورن پيڇو ڪيو روپھر پھتاسين ته ھُنن سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ مقامي نوجوان ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو زخمي نوجوان جي وارثن فقير محمد مھر ۽ ٻين ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي علائقي ۾ امن امان بحال ڪرائي اسانجي نوجوان کي زخمي ڪندڙ ڦورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي ياد رھي ته ساڳين ئي ڦورن جو ڳوٺاڻن پاران پيڇو ڪيو ويو پوليس جي فائرنگ ۾ 3 ڏوھاري مارجي وڃڻ ۽ ھڪ ڳوٺاڻو شھيد ٿي وڃڻ جا اطلاع آھن.