ڪنڌڪوٽ: غوثپور ڀرسان ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳڙهي تيغو ۾ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين عزيزالله تيغاڻي

ڪنڌڪوٽ : غوثپور ڀرسان ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳڙهي تيغو ۾ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين عزيزالله تيغاڻي ۽ محمد اسماعيل تيغاڻي وچم پراڻي زميني تڪرار تان جهيڙو ٻيھر ڀڙڪي اٿيو۔ جهيڙي دوران ٻنھي ڌرين هڪ ٻي مٿان لٺن ۽ ڪهاڙين جو وسڪارو لائي ڏنو لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 7 ورهين جي نينگري سهاڳڻ. محمد ابراهيم ، سوريھ ، مگرو تيغاڻي سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارثن کڻائي خانپور اسپتال منتقل ڪيو ۔جٿي زخمن جا سور نه سهندي ستن ورهين جي نينگري سهاڳڻ دم ڌڻي در حوالي ڪري ڇڏيو آهي۔ اطلاع ملڻ تي ناپر ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي ويئي آهي ۔ تيغاڻي برادري جون ٻئي جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ سڳا سئوٽ ٻڌايا پيا وڃن۔ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پئدا ٿيل آھي ۽ ڌريون مورچه بند ٿي ويون آھن۔ نينگري جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو۔