ڪنڌڪوٽ: ۾ گندگي تي ضابطو نه اچي سگهيو مختلف محلن ۾ گندگي جي ڍير لڳل انتظاميا غائب ڪنڌڪوٽ جي عيد گاه محله۔گلشير محله۔مرزاپور محله۔غريب آباد محله۔ڪاسائي محله۔اعواڻ بازار،ايس ايس پي آفيس، اي سيڪشن، سميت مختلف محلن روڊن رستن تي گندگي جا ڍير لڳل آهن ميونسپل انتظاميا جي پڪن ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا ڪروڙي روپين جي بجيٽ هجڻ جي باوجود به شهر ۾ صفائي جو نظام ڌرهم برهم آهي شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ملازم مقرر آهن پر اهي گهر ويهي اڌ پگهار کڻن ٿا ۽ اڌ آفيسرن کي ڏين ٿا ڪيترائي ڀيرا ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽر جي شهر جي صفائي سٿرائي بابت گڏجاڻي ٿي پر گڏجاڻي فوٽو سيشن تائين محدود صفائي لاء ٿيل گڏجاڻي کي انتظاميا هوا ۾ اڏاري ڇڏيو شهرين ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ۽ ٻين آفيسرن کي مطالبو ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي گندگي هجڻ ڪري ڪيتريونئي بيماريون جنم وٺن ٿيو ۽ شهر ۾ مڇر مار اسپري به ڪرايو وڃي جيئن شهر سڪون جي زندگي گذاري سگهن