پابندي مڙهيل تنظيم(بي ايل ايف) جو ڪمانڊر نواز علي رند اندروني جهيڙي دوران مارجي ويو. نواز رند جو موت پاڙيسري ملڪ ۾ پراسرار حالتن ۾ ٿيو.عسڪريت پسند نواز علي رند جو تعلق آواران سان هو ۽ هو 2004 کان بي ايل ايف جو سرگرم ميمبر رهيو، نواز رند سيڪيورٽي فورسز تي ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث هو.پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل ايف جي اڳوڻي سربراهه گلزار امام شبي جي گرفتاري کان پوءِ عسڪريت پسند گروپ ۾ ڏار پئجي چڪا آهن. جنهن سبب بلوچ عليحدگي پسند تنظيمن جي اتحاد بي آر اي ايس کي به سخت نقصان پهتو آهي.انٽيليجنس ادارن جي ڪاميابين سان دهشتگرد تنظيمون دٻاءُ جو شڪار آهن. گهيرو سوڙهو ٿيڻ سبب دهشتگرد تنظيمون پنهنجن ئي ڪمانڊرز کي مارڻ لڳيون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ جماعت الاحرار جو ڪمانڊر به اهڙين ئي حالتن جو شڪار ٿيو هو. ملڪ دشمنن کي هاڻ لڪڻ جو ٺڪاڻو نه پيو ملي. اميد آهي ته اهڙي طرح جي واقعن کان پوءِ بلوچستان ۾ دهشتگردي گهٽجي ويندي.