پاڪستاني نوجوانن کي غيرقانوني طور تي يورپ اماڻڻ ۽ انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گينگ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس ميرپورآزاد ڪشمير ڊاڪٽر خالد محمود چوهاڻ چيو آهي ته يونان ٻيڙي حادثي کان پوءِ انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن کهوئٽه رٽه پوليس انساني اسمگلنگ ۾ ملوث 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.ڊاڪٽر خالد موجب ڪيس ۾ قتل ۽ فراڊ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.پوليس موجب گرفتار ايجنٽس ۾ هڪ ايجنٽ جو پٽ به ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. ٻئي طرف وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) پاڪستاني نوجوانن کي غيرقانوني طريقي سان يورپ اماڻيندڙ ايجنٽ ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ اي موجب جوابدار ساجد محمود آذربائيجان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جوابدار ڪيترن ئي ماڻهن کي ليبيا اماڻيو هو جنهن جي جاچ جاري آهي.