ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم جڏهن ته ڏاکڻي علائقن ۾ سخت گرمي رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد نوڪنڊي ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.پشاور 41، حيدرآباد، ملتان، بهاوالپور، ساهيوال، فيصل آباد، سرگودها ۽ اٽڪ ۾ 40، اسلام آباد 39، لاهور، مظفر آباد 38، ڪراچي ۽ ڪوئٽه ۾ 36 جڏهن ته گلگت 35، سري نگر 31 ۽ ليه ۾ 23 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.ٻئي طرف موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته مٿانهين پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائون لڳڻ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي جنهن سبب شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.سامونڊي طوفان بائپر جواءِ ڪمزور ٿي گهٽ وڌ دٻاءُ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جڏهن ته طوفان اڃان به ڏکڻ اوڀر سنڌ ٿرپارڪر ۽ ڀرپاسي ۾ موجود آهي جيڪو ايندڙ 12 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ ڪمزور ٿي هوا جي گهٽ دٻاءُ ۾ تبديل ٿي ويندو.