لاهور پوليس جناح هائوس حملي ڪيس ۾ جيو فينسنگ جي حتمي فهرست ۾ نالو اچڻ تي قومي وومين فٽبال ٽيم جي گول ڪيپر شمائله ستار کي گرفتار ڪري ورتو.ذريعن موجب پوليس گهر تي ڇاپو هڻي عورتن جي قومي فٽبال ٽيم جي گول ڪيپر کي گرفتار ڪري ورتو، سندس نالو جيو فينسنگ جي حتمي فهرست ۾ هو.پوليس موجب شمائله ستار کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل منتقل ڪيو ويو آهي. جيل ۾ سڃاڻپ پريڊ جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.ذريعن موجب شمائله جي سڃاڻپ جناح هائوس جي ٻاهر لڳل ڪيمرائن ۽ موبائيل فوٽيجز سان ٿي. ياد رهي ته جناح هائوس حملي جو ڪيس دهشتگردي سميت ٻين سنگين قلمن تحت داخل ٿيل آهي.