استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عليم خان چيو آهي ته عثمان بزدار کي هن وقت جيل ۾ هجڻ گهرجي. ان کان پوليس يا ادارا جاچ ڪندا ته هو سموريون ڳالهيون پاڻ ٻڌائيندو.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي عليم خان چيو مان جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهيان اهي پي ٽي آءِ جي سمورن ماڻهن کي خبر آهن. استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ چيو ته شاهه محمود، شيرين مزاري ۽ اسد عمر کان قرآن کڻائي پڇي وٺو ته عليم خان جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي اهو سچ آهي يا ڪوڙ.عليم خان چيو ته پرويز خٽڪ کي ته سڀني کان پهريان استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پارٽي جو منشور پي ٽي آءِ وارو هوندو ڇو ته اهو منشور اسان سڀني ملي ٺاهيو هو. عليم خان چيو ته اسان جي پارٽي ڌار چونڊون وڙهندي. ڪنهن ٻئي پارٽي سان اتحاد نه ڪنداسين. سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو مقامي سطح تي تڪ جي سياست ڪندڙ اڳواڻ ڪندا.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب ۾ مبينه طور تي رشوت وٺي مقرريون ۽ بدليون ڪرڻ جي الزام ۾ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سميت 8 اهم شخصيتن خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته انهن جي خلاف قومي احتساب بيورو(نيب) لاهور ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ ٿي رهي آهي.پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار 9 مئي جي واقعن کان پوءِ سياست کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي. هن چيو هو ته 14 مهينن کان مختلف عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهيان. عثمان بزدار پي ٽي آءِ جي حڪومت واري دور ۾ 3 سالن کان وڌيڪ وقت تائين وڏو وزير رهيو ۽ پي ٽي آءِ ۾ ان جي ڪارڪردگي بابت اختلافن جون خبرون سامهون اينديون رهيون پر پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عثمان بزدار کي پنهنجو وسيم اڪرم پلس قرار ڏئي ڇڏيو هو.