پاڪستان: ۾ ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ڪراچي ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو.پڌرائي موجب مذهبي معاملن واري وزارت، سپارڪو ۽ موسميات کاتي جا نمائندا به ساڳئي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. ان کان علاوه سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا نمائندا به چنڊ ڏسڻ جي لاءِ اجلاس ۾ موجود هوندا.عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو آهي. حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه 27 جون اڱاري تي ادا ڪيو ويندو.سعودي عرب ۾ عيدالاضحيٰ 28 جون تي ملهائي ويندي .ان کان علاوه دبئي سميت عرب ملڪن ۾ به ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو آهي.متحده عرب امارات سميت عرب ملڪن ۾ به عيدالاضحيٰ 28 جون تي ملهائي ويندي. برطانيه ۾ به مسلمان ڪميونٽي عيدالاضحيٰ تي به ورهائجي وئي. ڪجهه سعودي عرب سان گڏ 28 جون تي عيد ملهائيندا ته وري ڪجهه 29 جن تي عيدالاضحيٰ ملهائيندا.آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ طئي ٿيل ڪيلينڊر تي عمل ڪندڙ ڪميونٽي 28 جون تي عيد ملهائيندي جڏهن ته ٻيا اڄ چنڊ ڏسڻ کان پوءِ فيصلو ڪندا.