بلاول جي وارننگ: وزيراعظم سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ 25 ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ 25 ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب اها رقم سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد تي خرچ ٿيندي. وزيراعظم جمعي تي پيپلز پارٽي جي وفد سان ملاقات ۾ فنڊز جي فراهمي جو يقين ڏياريو هو.ياد رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن سوات ۾ جلسي کي خطاب دوران وزيراعظم کان بجيٽ ۾ واعدا پورا نه ڪرڻ تي ڏوراپو ڏيندي خبردار ڪيو هو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ پئسا نه مليا ته پيپلز پارٽي بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏيندي.پنهنجي خطاب دوران هن وزيراعظم ۽ ان جي معاشي ٽيم تي ٻٽي معيار جو الزام به لڳايو ۽ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چيو ڪجهه هو جڏهن ته بجيٽ ۾ ڪجهه ٻيون شيون سامهون آيون هن وقت ملڪ اهڙي صورتحال کي برداشت نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم پنهنجي ٽيم ۾ شامل انهن ماڻهن کان ضرور حساب وٺي جيڪي واعدا پورا ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻيل آهن. بلاول چيو هو ته اسان کي وزيراعظم جي شڪايت تي شڪ نه آهي. هن پاڻ ٻوڏ جي تباهي ڏٺي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين سان ڪيل واعدا پورا ڪري. اسان عوام جو خيال رکندا آهيون جڏهن ته ٻيون پارٽيون مخصوص ماڻهن جو خيال رکنديون آهن.