احتجاج ڪندڙن ۾ يوسي روپهر جي چيئرمين نصير احمد مھر ,لالا ممتاز علي ارباب راڄڙ لياقت علي محمد بخش بشير ملڪ ۽ ٻين مبارڪپور ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعري بازي ڪندي چيو ته مبارڪپور ٿاڻي جي حد ٺڪراٺو مبارڪپور روپھر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني وڌي وئي آھي چوريون ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون آھن پر مبارڪپور پوليس انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻجي وئي آھي گذريل رات نامعلوم چور بيڪو مشين چوري ڪري رھيا ھئا ته ڳوٺاڻا سجاگ ٿيڻ تي چور موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا موٽر سائيڪل پوليس حوالي ڪئي سون پوليس چورن کي پڪڙڻ بجاء موٽر سائيڪل بااثرن جي مداخلت تي چورن حوالي واپس ڪري ڇڏي هنن ايس ايس پي سکر ڊي آء جي سکر کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي نااهل ايس ايڇ او سميت ڪيترن سالن کان مقرر مقامي پوليس عملي کي هٽائي ٺڪراٺي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي