سکر ،ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي هدايتن تي عمل ڪني اهلڪارن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي چيڪنگ جي دوران ، لبي مهراڻ جي گلوب چوڪ ويجهو ڪارروائي ڪندي، ڀنگ سان ڀريل وين هٿ، 03 جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او اي سيڪشن دوران اسنيپ چيڪنگ اهم ۽ ڪامياب آپريشن ڪيو، منشيات سان ڀريل مني وين هٿ ڪئي وئي، 12 ٻوريون (352 ڪلوگرام) ڀنگ هٿ ڪيون ويون گرفتار جوابدارن جا نالا هارون چانڊيو، سفيل کوکر ۽ فياض شيخ سميت گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جو پوليس پارٽي جي ڪارروائي تي مبارڪباد جو پيغام