ڪشمور : ضلعي ۽ ڀر پاسي وارن علائقن جي عوام کي دل بيماري کان بچاءُ لاءِ تڪڙي سروس مھيا ڪرڻ لاءِ اين آئي سي وي ڊي پاران تعلقه اسپتال ڪشمور ۾ چيسٽ پين جي يونٽ جو قائم ڪيو ويو آھي، جنھن جي افتتاحي تقريب تعلقه اسپتال ڪشمور ۾ منعقد ڪئي وئي. سردار سليم جان مزاري چئير مين گل محمد جکراڻي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سکر اين آئي سي وي ڊي ڊاڪٽر جاويد سيال صاحب ربن ڪٽي يونٽ جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ اين آئي سي وي ڊي جي سي اِي او ڊاڪٽر سھيل، ڪنيز شبير, بلال نسيم ڪليم ميمڻ ۽سندس ٽيم سان گڏو گڏ مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن، شھرين، ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سردار سليم جان مزاري ڊاڪٽر ڊاڪٽر جاويد سيال ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور جو چوڻ هو ته اين آئي سي وي ڊي چسٽ پين يونٽ ڪشمور جي قيام سان علائقن جي ماڻھن کي دل جي حوالي سان صحت جون تڪڙيون سھولتون ملنديون ، اين سي آئي وي ڊي سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ جي وڏي ڪاوش آهي .اين آئي سي وي ڊي چسٽ پين يونٽ ڪشمور جي قيام سان ڪشمور ضلعي سان گڏو گڏ ڀر پاسي واري علائقن جي ماڻهن کي وڏو فائدو ٿيندو اين آئي سي وي ڊي جو ويزن بلاول علي ڀٽو جو آھي، جنھن کي اسان اڳتي وڌائڻ جو ڪوشش ڪري رھيا آھيون، سنڌ سميت پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ پڻ يونٽ قائم ڪيا ويندا. سردار سليم جان وڌيڪ چيو ته ڪشمور جي عوام لاء جلد گائني اسپتال ۽ اکين جي اسپتال جو قيام جلد عمل ۾ آندو ويندو.سنڌ حڪومت جي سھڪار سان 26 يونٽ قائم ڪيا آھن ۽ اڃان بہ وڌيڪ يونٽ قائم ڪيا ويندا.