غوثپورڏيڍ مھينو اڳ سکر کان ڪشمور ويندي مبينه رستي مان اغوا ٿيل مزدا ڊرائيور ڳوٺ مڇي ٻنڍو

غوثپورڏيڍ مھينو اڳ سکر کان ڪشمور ويندي مبينه رستي مان اغوا ٿيل مزدا ڊرائيور ڳوٺ مڇي ٻنڍو جو رھواسي عبدارحيم اوڳاھي ۽ سندس ڪلينر سکر واسي قدرت الله ميراڻي راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ٿي گھر پھچي ويا۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب ته ڏيڍ مھينو اڳ ڪشمور مان بگٽي قبيلي جي ماڻھن سکر مان پتلان ۽ لڪڙا کڻائي کين ڪشمور ھلڻ لا۽ چيو ۽ ڪشمور ڀرسان مبينه ڏوھارين کين ھٿيارن جي زور تي لاھي مزدا سميت سوئي جي علائقي ۾ باندي بڻائي رکيو۔ مزدا مالڪ ۽ مغوي جي وارثن واقعي جو پيرو کنيو ته کين ذريعن ٻڌايو ته مغوين کي بگٽي قبيلي جي مبينه ڏوھارين باندي بڻائي رکيو آھي جنھن لا۽ ھنن ڏھ لک روپيه وارثن کان ڀنگ پڻ طلب ڪئي ۽ وارثن طرفان ڀنگ جا پئسا نه ڏيڻ تان معاملو اينگھجي ويو۔ ذريعن ٻڌايو ته وارثن تنگ ٿي راڄوڻي ڪري نيٺ ٻنھي مغوين کي رات دير سان ڇڏائي ورتو ۽ بازيابي واري ڳالھ ميڊيا کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي۔۔