ڪنڌڪوٽ :غوثپورلڳ ڪچو ٻنڍي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ رحمت جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ڀورل جاگيراڻي ۽ قطب جاگيراڻي ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جھيڙو ٻيھر ڀڙڪي اٿيو۔ جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين جي ھٿياربندن جي ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا۔ فائيرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنجويھن سالن جو نوجوان پانڌي جاگيراڻي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جن کي سندس وارث کڻائي سکر اسپتال روانه ٿيا۔ ذريعن ٻڌايو ته ھٿياربند کانئس ھٿيار به ڦر ڪري ويا۔ واقعي جي اطلاع بعد ڪچو ٻنڍي جي پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي ويئي پر جوابدار پوليس جي پھچڻ کان اڳ ۾ ئي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ ٻئي پاسي ڌريون مورچه بند ٿيڻ سبب وڌيڪ خونريزي جو خطرو پئدا ٿيل آھي ۽ واقعي جو ڪيس به داخل ڪونه ٿيو آھي