ڪنڌڪوٽ: لڳ جو ڏھ کان وڌيڪ اڻ ڄاتل ھٿياربندن پاران دراني مھر جي ڪچي واري علائقي

ڪنڌڪوٽ : لڳ جو ڏھ کان وڌيڪ اڻ ڄاتل ھٿياربندن پاران دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس پڪٽ تي ڪيل ڪاھ دوران مبينه اغوا ٿيل ٽن پوليس اھلڪارن الياس ڀٽو۔ ميرھزار نندواڻي ۽ لياقت ڀيو کي ڪشمور پوليس مبينه مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو آھي۔ پوليس ذريعن موجب ڪچي جي دراني مھر واري علائقي ۾ ھلندڙ سرچ آپريشن دوران ڏوھارين سان مقابلي بعد ٽنھي پوليس اھلڪارن جي رھائي ٿي آھي۔ ٻئي پاسي علائقي ۾چئوٻول آھي ته مغوي اھلڪارن کي راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ڪرايو ويو آھي۔۔