ضلعي ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي ۽ اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا جو گڏيل ماهوار اجلاس ضلعي اليڪشن ڪمشنر ڪشمور جي آفيس ۾ ٿي گذريو. اجلاس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، اجلاس جي صدارت جناب ، اليڪشن ڪمشنر ستار سردار ، ڪئي ، اجلاس ۾ ووٽ جي رجسٽريشن، منتقلي ۽ درستگي، ۽نوجوان نسل جي جمهوري ۽ سياسي ذميوارين تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي اليڪشن ڪمشنر ستار سردار جو چوڻ هو ته ا ليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ووٽ جي رجسٽريشن، منتقلي ۽ درستگي جي آخري تاريخ 13 جولاءِ 2023 مقرر ڪئي وئي آهي. تنهن ڪري ڪشمور ضلعي جو عوام پنهنجي ووٽ جي رجسٽريشن، منتقلي ۽ تصديق لاءِ 13 جولاءِ 2023 تائين ضلعي اليڪشن ڪمشنر ڪنڌڪوٽ جي آفيس سان رابطو ڪن.ان سلسلي ۾ خاص ڪري عورتون، خواجہ سرا ۽ معذور ماڻهو پنهنجي ووٽ جي رجسٽريشن يقيني بڻائين ۽ پنهنجو قومي شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري 8300 تي ايس ايم ايس ڪري ۽ جيڪڏهن ڪا ڄاڻ گهربل هجي ته آفيس جي فون نمبر 0722921620 تي رابطو ڪن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو عملو اوهان جي مدد لاءِ موجود هوندو رجسٽريشن ۽ منتقلي21 فارم ۽ درستگي لاء فارم نمبر 23 مفت حاصل ڪري سگهجي ٿو . رجسٽريشن وغيره صرف شناختي ڪارڊ تي ڏنل ايڊريس مطابق ٿي سگهي ٿي.ان گڏجاڻي ۾ نادرا جي نمائندن شرڪت ڪندڙن کي سڄي ضلعي ۾ عورتن جي شناختي ڪارڊ جي رجسٽريشن جي حوالي سان آگاهي ڏني، جنهن تي شرڪت ڪندڙن پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. پروگرام جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن پاران ضلعي اليڪشن ڪمشنر ڪشمور جي آفيس ڪنڌڪوٽ ۾ ڀرپور تعاون ۽ عزم جو اظهار ڪيو.