ڪرمپور لڳ مغوي عبدالرحمان جعفري جي بازيابي لاء وارثن پاران مير بگن خان بجاراڻي لاڙي وٽ روڊ بلاڪ, ٽائرن کي باهيون ڏيئي, انڊس هاء وي تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي

ڪرمپور لڳ مغوي عبدالرحمان جعفري جي بازيابي لاء وارثن پاران مير بگن خان بجاراڻي لاڙي وٽ روڊ بلاڪ, ٽائرن کي باهيون ڏيئي, انڊس هاء وي تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي, پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي مغوي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو,خبر موجب : ڪرمپور ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد مان 9 ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ڳوٺ ٿنگئي خان جعفري لڳ پيربخش شجراع رھواسي مغوي نوجوان عبدالرحمان جعفري کي حد جي ڪرمپور توڙي ضلعي ڪشمور, ڪنڌڪوٽ پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي, وارثن جي سڏ تي مغوي جي بازيابي لاء يوسي پيربخش شجراع جي وائيس چيئرمين محمد ابراھيم جعفري, مغوي جي ڀاءُ عبدالله جعفري, ماستر محمد صديق جعفري, ماستر بالاڇ جعفري, محمد شعبان جعفري, ماستر علي بخش جعفري, مقدم مهرالله جعفري, جعفري اتحاد جي اڳواڻن بابو علي بخش خان جعفري, آفاق علي جعفري نظرواه, جماعت اسلامي جي صوبائي اڳواڻ مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي, جي, يو, آء شڪارپور جي اڳواڻن, جعفري برادري جي ماڻهن علائقي جي سياسي, سماجي ۽ مذھبي ڌرين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪرمپور ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد انڊس هاء وي مير بگن خان بجاراڻي لاڙي وٽ روڊ بلاڪ ڪري, ٽائرن کي باهيون ڏيئي 5 ڪلاڪ انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي, مغوي عبدالرحمان جعفري جي ترت بازيابي جو مطالبو ڪيو, مغوي جي وارثن, مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو ڌرڻي جي موقعي چوڻ هو ته هٿ وٺي ضلعي ڪشمور ۾ بدامني جي باه کي ڀڙڪايو ويو آهي, پوليس علائقي ۾ امن ڏسڻ نه ٿي چاهي نه ئي امن ڪرائڻ ۾ سنجيده آهي, هنن چيو مغوي عبدالرحمان جعفري کي اغوا ٿئي 9 ڏينهن گذري ويا آهن, پوليس مغوي جي بازيابي لاء ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي, مغوي جي وارثن پوليس تي الزام هڻندي چيو ته اغوا واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ڄاڻ ڪرمپور پوليس هوندي به انهن خلاف ڪاروائي نه ٿي ڪري, مظاهرين چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين مغوي کي باحفاظت بازياب نه ڪرايو ويندو, احتجاج جو سلسلو جاري رهندو, ٻئي طرف ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي, روڊ جي ٻنهي پاسن کان مسافر گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون, هوڏانهن ڊي, ايس, پي ڪنڌڪوٽ سردار خان چانڊيو ڌرڻي واري هنڌ پهچي, مظاهرين سان ڪامياب ڳالهيون ڪري مغوي کي هڪ هفتي ۾ بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرائي ٽريفڪ جي رواني کي بحال ڪيو.