ڪراٺو : ڍنڍي بي آء ايس پي سينٽر تي ڊوائس مافيا جو راڄ BISP جو AD مستحق مسڪين عورتن کان في ڪارڊ تي سوين روپيه ڪٽوتي ڪرڻ لڳو مسڪين عورتن جو دانهون ٺڪراٺو لڳ ڍنڍي شهر ۾ قائم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران مقرر ڪيل سينٽر تي پروگرام انچارج اي ڊي اخلاق احمد ڀٽو جي ناجائزيون جاري مستحق عورتن کان في ڪارڊ 200 کان 500 روپيه اوڳاڙڻ جو انڪشاف مستحق غريب عورتن جو چوڻ هو ته اخلاق ڀٽو اسان کان سرعام في ڪارڊ تي سوين روپيه اوڳاڙي ٿو جيڪي مستحق عورتون پئسا نه ٿيون ڏين ته انهن کي ذليل ۽ خوار ڪري ٿو ۽ انهنجي ڪارڊن کي خواھ مخاھ پئسا نه اچڻ جو چئي سينٽر کان ٻاهر ڪڍي ٿو ڇڏي جڏهن ته اسان جي رقم آيل آهي جيڪي به مستحق پئسا ڏين ٿا انهن جا نالا وٺي ڪري اندرگهرائي انهن کي پئسا ڏنا ٿا وڃن باقي هن قهر جي گرمي ۾ سڄو ڏينهن بيهي بيهي خوار ٿي موٽيو وڃن مستحق مسڪين عورتن BISP پروگرام جي سمورن واسطيدار آفيسرن کي اپيل ڪئي ته ڪرپٽ AD اخلاق ڀٽو کي فوري طور هتان هٽائي ڪري هتي مسڪين مستحق عورتن کي وظيفي جي رقم صحيح طريقي سان ڏني وڃي