هائبرڊ ماڊل تحت پاڪستان سان ناانصافي ٿي، چيئرمين بڻجڻ بعد سڌارا آڻيندس: ذڪاءَ اشرف

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين لاءِ مضبوط اميدوار ذڪاءَ اشرف ايشيا ڪپ لاءِ هائبرڊ ماڊل کي پاڪستان سان ناانصافي قرار ڏيندي چيو ان ماڊل تحت پاڪستان جون اهم ميچون مُلڪ ۾ نه ٿينديون.پنهنجي هڪ بيان ۾ پي سي بي چيئرمين جي اميدوار ذڪاءَ اشرف چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ کوڙ سارا مسئلا موجود آهن پر ڪنهن جي خلاف ڳالهائڻ نٿو چاهيان.هن چيو ته ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ مٿان آهي، اسان کي تياري ڪرڻي آهي، مون هائبرڊ ماڊل کي پهريان ئي رد ڪري ڇڏيو هو.سندس چوڻ هو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان کي ايشا ڪپ جي ميزباني ڏني، پاڪستان کي مڪمل ايشيا ڪپ جي ميزباني ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته ايشيا ڪپ جون اهم ميچون ٻاهر ٿينديون ۽ نيپال، ڀوٽان جون ميچون پاڪستان ۾ ٿينديون، پاڪستان سان هائبرڊ ماڊل ناانصافي آهي.ذڪاءَ اشرف چيوته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪندس، اسلام آباد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تعمير جو رٿابندي هئي، بدقسمتيءَ سان منصوبو اڳتي نه وڌي سگهيو، ڪرڪيٽ مُلڪ کي متحد ڪندي آهي، سموري مُلڪ مان ٽيلينٽ سامهون اچي رهيو آهي.