ڪراچي جي بجلي صارفين کان هڪ سال تائين سرچارج وصولي جي منظوري

وفاقي ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي ڪراچي جي بجلي صارفين تي هڪ رپيو 52 پئسا في يونٽ سرچارج لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ اقتصادي رابطه ڪميٽي ڪراچي جي بجلي صارفين تي سرچارج لڳائڻ جي منظوري ڏني.پڌرائيءَ موجب ڪراچي جي بجلي صارفين کان 12 مهينن ۾ سرچارج جي مد ۾ هڪ رپيو 52 في يونٽ وصولي ڪئي ويندي.