ملڪ: ۾ سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ سوين رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 1800 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2 لک 18 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1543 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 87 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 17 ڊالر گهٽجڻ سان 1934 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي