ڪنڌڪوٽ : تنگواڻي,ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ نورخان بنگلاڻي ۾ نندواڻي ۽ بنگلاڻي برادري ۾ زمين تي معاملي تان جهيڙو لٺيون

ڪنڌڪوٽ :تنگواڻي,ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ نورخان بنگلاڻي ۾ نندواڻي ۽ بنگلاڻي برادري ۾ زمين تي معاملي تان جهيڙو لٺيون ڪهاڙيون لڳڻ سبب نور خان,عبدالحميد,سومر طارق ,بنگلاڻي,سڪندر,محمدحسن,جميل,پيروز, امين نندواڻي سميت ٻنهي ڌرين جا پندرنهن ڄڻا زخمي ٿي پيا,اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي کڻائي سول اسپتال پهچايو,جنهن ۾ پنجن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جنهن کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو,آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ڌرين ۾ ڇڪتا وارو صورتحال ڌريون مورچابند ٿي ويا آهن