سانگهڙ ۾ اڻڄاتل جوابدار نوجوان کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو

شاهپور چاڪر ڀرسان ڳوٺ ڳوٺ احمد خان ڇٽو ۾ نامعلوم جوابدار ڪهاڙين جا وار ڪري 18 سالا نوجوان کي قتل ڪري لاش ڳوٺ ڀرسان زرعي زمين ڦٽو ڪري فرار ٿي وياهوڏانهن اهڙي واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جي لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ 18 ورهين جي محمد ياسين ڇٽو طور ٿي آهي هوڏانهن هٿ آيل نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.ابطو ڪرڻ تي مقصودو رند پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ احمد خان ڇٽو ڀرسان زرعي زمين مان 18 ورهين جي نوجوان جو ڪهاڙيون لڳل لاش مليو آهي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کي ضروري ڪاروائي لاء اسپتال منتقل ڪيو آهي. واقعو ڪيئن پيش آيو آهي ان جي وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون هوڏانهن اهڙي واقعي جي اطلاع ملڻ تي نوجوان گهر ۾ قهرام مچي ويو جڏهن ته واقعي جا اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن.