9 مئي واقعا: شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي مهلت

9 مئي واقعن دوران ڀڃ ڊاهه ۽ باهين واري ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر ضمانت جي درخواست لاءِ عدالت آڏو پيش نه ٿيا جنهن تي عدالت ٻنهي اڳواڻن کي عدالت جي سامهون پيش ٿيڻ جي لاءِ سڀاڻي تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر پي ٽي آءِ جي اڳوڻن وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر جي 9 مئي واقعن تي ترنول ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل علي بخاري ٻڌايو ته ٻئي اڳواڻ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ صبح ساڍي ستين وڳي آيا پر پوليس ٻنهي کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.وڪيل علي بخاري اهو به ٻڌايو ته پوليس هاءِ ڪورٽ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا جنهن سبب هو واپس موٽي ويا. عدالت هاءِ ڪورٽ جي گيٽ جي سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسي سگهي ٿي.عدالت شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر کي سڀاڻي تائين پيش ٿيڻ جي مهلت ڏيندي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.ياد رهي ته اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ 2 ڏينهن اڳ شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون جنهن کان پوءِ انهن هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.