سکر، سلسله نقشبنديه طاہريہ جي سالار خواجه محمد طاهر المعروف سجن سائين جو محبوب خليفو ۽ پاڪستان جو مشهور عالم دين حضرت علامه مولانا مفتي عبدالرحمان وگڻ غفاري بخشي طاهري 95 ورهين جي ڄمار ۾ رضا الاهي وفات ڪري ويو، نماز جنازه درگاه عاليه الله آباد شريف ۾ ادا ڪئي وئي ۽ تدفين بعد قبرستان ۾ ڪئي وئي، جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان، جمعيت علماءِ طاهريه پاڪستان، روحاني طلبه جماعت پاڪستان، جماعت اصلاح المسلمين ميڊيا ونگ.۽ پاڪستان جي مرڪزي،صوبائي،ضلعن،برانچز عھديدران ۽ اهل سنت تنظيمن جي اڳواڻن جي طرفان خليفي مفتي عبدالرحمٰن وگڻ طاهري رحمت الله عليه جي سمورن وارثن ۽ پسماندن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ۽ اسان هن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ دعاگو آهيون ته الله تعالٰي مرحوم مفتي عبدالرحمان وگڻ کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي شفاعت ۽ زيارت عطا فرمائي. الله تعالٰي کيس رحمتون عطا فرمائي، حضرت مفتي عبدالرحمان وگن طاهري رحمت الله عليه سچو عاشق رسول صلي الله عليه وسلم ھيو،پنهنجي مرشدن پير مٺا سائين، پير سوھڻا سائين، پير سجڻ سائين سان بيحد عقيدت ۽ محبت هئي،طاہري جماعت ء اهل سنت جو اثاثو ھيو.صوبائي پريس ترجمان ڊاڪٽر سعيد اعواڻ موجب جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل انجنيئر غلام محمد ميمن طاهري، صوبائي صدر قاضي مشهود احمد ۽ صوبائي جنرل سيڪريٽري مخدوم محمد اعظم جي هدايتن تي جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان جي مرڪزن،مدارس،ضلعن،برانچز جي زير اهتمام قرآن خواني، دعا ۽ تعزيتي تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن.