فيض گنج: عطائي ڊاڪٽر جي مبينا غلط انجڪيشن لڳڻ سبب ٻارڙي فوت

فيض گنج لڳ عطائي ڊاڪٽر جي مبينا طور غلط انجڪيشن لڳڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي وئي آهي.ڳوٺ گل حسن ابوپوٽو ۾ بي ايڇ يو ڀنگو جي ويڪسينٽر ۽ عطائي ڊاڪٽر طالب جٽ جي مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ سبب نون سالا ٻارڙي ڪلثوم ڌي عبدالرزاق اڀوپوٽو فوت ٿي وئي.فوت ٿيل ٻارڙي جي والد جو چوڻ هو ته هڪ ھفتو اڳ عطائي ڊاڪٽر طالب جٽ ٻارڙي کي ويڪسين ڪرائي، جنھن کان پوءِ لڳاتار ٻارڙي جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي جيڪا نوابشاهه اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.فوتي ٻارڙي جي وارثن صحت کاتي جي اختيارين کان جاچ ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.