ٺري ميرواهه ڀرسان مھراڻ ھائي وي تي تيزرفتار مسافر وين جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو فوت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
سوئي گيس مھراڻ ھائي وي تي تيزرفتار وين جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب حادثي جي نتيجي ۾ انور مارواڙي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٽي ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا.جڏهن ته زخمين ۾ چٻي خاتون، پٺاڻي خاتون ۽ معصوم ٻار راجو شديد زخمي ٿي پيا.اهڙي اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي لاش ۽ زخمين کي ٺري ميرواهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي.هوڏانهن حادثي جو شڪار موٽرسائيڪل سوار جھنڊا مشائخ جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن.جڏهن ته ايمنبولينس نه ھجڻ سبب زخمين کي رڪشا تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.