سکر: ۾ ايس ٽي پي ۽ ينگ اتحاد پاران سيپڪو سکر خلاف بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ملڪ چوڪ بچل شاھ کان بائي پاس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ينگ اتحاد جو اڳواڻ عرفان ملڪ، ايس ٽي پي ضلع صدر نومي سنڌي، ماجد ڏنور،قربان چوھاڻ،ڪاشف جتوئي،رشيد ڪٽپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي،ان موقعي اڳواڻن احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ت سموري سکر بالخصوص بچل شاھ مياڻي ۾ سيپڪو طرفان ھن قيامت خيز گرمي ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن جي ڪري شهري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن هنن چيو ته سيپڪو عملدارن کان ڪو پڇڻ وارو ناھي بچل شاھ ۾ بجلي ن ھجڻ جي ڪري ڪاروبار مڪمل تباھ ٿي چڪو آھن معصوم ٻار ۽ گھرن ۾ عورتون انتھائي پريشاني کي منھن ڏئي رھيون آھن اڳواڻن واپڊا جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته انهيءَ جو نوٽيس وٺندي بچل شاھ کي پوري بجلي ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سي اي او سيپڪو آفيس اڳيان ڌڙڻو ھنيو ويندو.