نيب طرفان لڳايل کلي ڪچهري ۾ فرح گوگي خلاف شڪايتن جا ڍير لڳي ويا

لاهور: ۾ پهريون ڀيرو کلي ڪچهري دوران تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح شهزادي عرف فرح گوگي جي سوسائٽي جي متاثرين شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. متاثرين جو چوڻ آهي ته فرح شهزادي سوسائٽي وارن کي ڪوڙيون رجسٽريون ڏنيون.قومي احتساب بيورو نيب چيئرمين جي هدايت تي نيب لاهور ۾ پهرين کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڊي جي نيب امجد مجيد اولکهه متاثرين جا مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌايون.کلي ڪچهري ۾ فرح شهزادي جي سوسائٽي جا متاثرين به پهچي ويا. متاثرين جو چوڻ هو ته پلاٽس جي سموري رقم ادا ڪري چڪا آهيون پر ان باوجود ڪيترن ئي سالن کان قبضو نه ڏنو ويو. پئسا وٺي فرح گوگي پرڏيهه فرار ٿي چڪي آهي. ڪوڙيون رجسٽريون ڏيڻ تي فرح شهزادي خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي.جڏهن ته کلي ڪچهري دوران ٽن ٻين هائوسنگ سوسائٽيز جي متاثرين به فراڊ جون درخواستون داخل ڪري ڇڏيون آهن.