روس ۾ هٿياربند بغاوت، فوجي هيڊ ڪوارٽر تي قبضي جي دعويٰ

روس جي خانگي فوج ڪمپني ويگنر گروپ جي سربراهه ”يووگني پري گوزن ڪاروستوف“ فوجي هيڊ ڪوارٽر تي قبضي جي دعويٰ ڪئي آهي.روس ۾ خانگي باغي فوجي ڪمپني ويگنر گروپ جي سربراهه يووگني پري گوزن روستوف جي فوجي هيڊ ڪوارٽر تي قبضي جي دعويٰ ڪندي چيو ته فوجي هيڊ ڪوارٽر تي قبضي لاءِ اسان کي هڪ به گولي نه هلائڻي پئي.يووگني پري گوزن دعويٰ ڪئي ته ويگنر گروپ کي روسي عوام جي حمايت حاصل آهي.خانگي فوجي ڪمپني ويگنر گروپ جي هٿياربند بغاوت جي معاملي تي روس جي فارن انٽيليجنس ايجنسي چيو آهي ته روسي معاشري کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي.انٽيليجنس سربراهه سرگئي ناريشڪن جو اهو به چوڻ آهي ته روس ۾ خانه جنگي ڪرائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي.روس ۾ هٿياربند بغاوت تي آمريڪا، قطر ۽ ايران جو ردعملروس ۾ نجي فوجي ڪمپني ويگنر گروپ بغاوت جي معاملي تي قطر ۽ ايران ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته آمريڪا چيو آهي ته ان معاملي تي اتحادين سان مڪمل رابطي ۾ آهيون.قطري پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته روس ۾ صورتحال تي گھري ڳڻتي آهي، روس ۾ ڌريون وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪن، روس جي صورتحال جا اثر توانائي ۽ خوراڪ جي فراهمي تي پوندا.ايران پرڏيهي وزارت روس جي صورتحال تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته روس ۾ قانون جي عملداري جي حمايت ڪيون ٿا.آمريڪي پرڏيهي وزارت انٽوني بلنڪن روس م هٿياربند بغاوت جي معاملي تي ردعمل ۾ چيو آهي ته روس جي صورتحال تي جي سيون ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ يورپي يونين اختيارين سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، روس ۾ ٿيل اڳڀرائي تي اتحادين سان رابطي ۾ آهيون.روس ۾ بغاوت جي ڪوشش تباهي جو سبب بڻبي: بيلاروسروس جي اتحادي بيلاروس جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بيلاروس روس جو ويجهو اتحادي آهي، روس ۾ هٿياربند بغاوت جو تحفو آهي، روس ۾ بغاوت جي ڪوشش تباهي جو سبب بڻبي.