تربت ۾ عورت جو آپگهاتي حملو، پوليس اهلڪار شهيد

بلوچستان جي ضلعي تربت ۾ عورت آپگهاتي حملي آور جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) ڪيچ بشير بڙيچ موجب ڪمشنر روڊ تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، تربت ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ هڪ عورت هئي.هن ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ پوليس جي هڪ عورت سپاهي به زخمي ٿي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي به نقصان پهتو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ جو گهيرو ڪري جاچ شروع ڪئي وئي ۽ تمام جلد جوابدارن کي ڳوليو ويندو.