پشاور جي علائقي شريف آباد ۾ گئس ليڪيج سبب ٿيندڙ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ماڙ گهر ڪِري پيو.ريسڪيو اهلڪارن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ٻار فوت ٿيا، جن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته عورت سميت ٻن زخمين کي ڍير مان ڪڍيو ويو آهي.ڌماڪي سبب گهر ٻاهران بيٺل گاڏي کي به نقصان پهتو ۽ ويجهين عمارتن جا شيشا ڀڄي پيا.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته مبينا طور تي ڌماڪو گئس سئلينڊر ۾ ليڪيج سبب ٿيو، ڌماڪو ايترو زوردار هو جو سڄي عمارت ڪِري پئي.ريسڪيو اختيارين موجب فوتي ٻارن جي سڃاڻپ زنيرا، احمد ۽ جليل جي نالن سان ٿي آهي.