ملڪ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سون جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به سون جي قيمت ۾ سوين رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2500 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2 لک 14 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر هڪ ڊالر وڌڻ کانپوءِ 1920 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.ياد رهي ته هلندڙ ڪاروباري هفتي ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 7200 رپيا گهٽتائي ٿي آهي.