وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي ضمانت منظور ٿيڻ باوجود آزاد نه ٿي سگهيو.ذريعن موجب ڪيمپ جيل ٻاهران موجود پوليس جي نفري ۽ بڪتر بند گاڏي به واپس رواني ٿي وئي آهي.اسپيشل ڪورٽ سينٽرل گذريل ڏينهن 10 هزار روپين جي مچلڪن عيوض پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪئي هئي.ياد رهي ته 21 جون تي پنجاب اسيمبلي ۾ غيرقانوني ڀرتين جي ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن جي عدالت مان ضمانت منظور ٿيڻ کان پوءِ جيل مان آزاد ٿيندي ئي ايف آءِ اي چوڌري پرويز الاهي کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.ايف آءِ اي طرفان پرويز الاهي ۽ مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ جو اهو نئون ڪيس هڪ ڏينهن اڳ داخل ڪيو ويو هو. وفاقي جاچ اداري پرويز الاهي کي جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتار ڪري ورتو هو.