ڪنڌڪوٽ : لڳ هڪ مهينو اڳ اڻڃاتل ھٿياربندن دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ڀرسان

ڪنڌڪوٽ : لڳ هڪ مهينو اڳ اڻڃاتل ھٿياربندن دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ڀرسان ڪنڌڪوٽ۔ گهوٽڪي کي ملائڻ واري پل تي سچل ڪمپني جي ھلندڙ اڏاوتي ڪم دوران ڪچي جي هٿياربندن ڪاھ ڪري سچل ڪمپني جي 3 ملازمن کي هٿيارن جي زور تي مبينا طور اغوا ڪري ويا هئا۔ جنهن بعد اڄ سچل ڪمپني جي ٽنهي ملازمن مغوي شفيق احمد۔ مغوي مظهر ۽ جمشيد کي هٿياربندن پاران زنجيرن ۾ جڪڙي مٿس سخت تشدد ڪندي مغوين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آھي۔ وڊيو ۾ ٽيئي مغوي ايس ايس پي ڪشمور توڙي سچل ڪمپني جي مالڪن کي روئيندي دانھن ڏين ٿا ته خدا جي واسطي اسانجي ڏوھارين کان جند آجي ڪرايو اسان کي ھتي سخت تڪليفن سان منھن ڏيوڻو پئجي رھيو آھي۔ ڏوھاري نه ماني ڏين ٿا نه ئي پاڻي۔ روزانه اسان کي مارڪٽ ڪئي وڃي ٿي ۽ سخت تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو۔۔