سکر: پنو عاقل ۾ وڏيرا گردي، متاثر ماڻهو عورتون، مرد ۽ ٻارڙا انصاف لاءِ سکر پهچي ويا، پنوعاقل جي ڳوٺاڻن سهراب بُلو، حاجي مهراب، منظور، ياسين بُلو، آمنہ خاتون، شمع خاتون ۽ ٻين سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته تر جي وڏيري عبيد الله بُلو گذريل ٽن ورهين کان اسان جي 70 جريب زرعي زمين تي قبضو ڪري ويٺل آهي، قبضو خالي ڪرائڻ جو چئون ٿا ته پورهيت سمجهي اسان مٿان حملا ڪري حراسان ڪري رهيو آهي، ڪجھ ڏينھن اڳ سندس غنڊن دودو بُلو، شاهين بلو، نظر بلو، يونس بلو ۽ ٻين اسان جي گهرن تي حملو ڪري ڏنڊا ۽ لٺيون هڻي اسان جي مردن، ٻارڙن ۽ عورتن کي زخمي ڪيو، اسان جو زوري چوپايو مال به کڻي ويا آهن، اسان حد جي دادلو ٿاڻي جي پوليس وٽ وياسين پر پوليس وڏيري جي ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪندي اسان جي فرياد وٺڻ بدران الٽو اسان کي ڌڪا ڏئي ٿاڻي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، اسان ايس ايس پي سکر وٽ به وياسين پر اسان جي اتي به ڪا داد فرياد ناهي ٻڌي وئي، هنن وزيراعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.