سکر،جي يوآ۽ سٽي سکر پاران سکر جي مھراڻ ڪلچرل ھال ۾

سکر،جي يوآ۽ سٽي سکر پاران سکر جي مھراڻ ڪلچرل ھال ۾ ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺائو ویو جنھن ۾ جي يو آء جي اڳواڻن توڙي عھديدارن ڪارڪنن سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ورڪرز ڪنوينشن ۾ مھمان خاص جي يوآ۽جي مرڪزي نائب امير ، مولانا عبدالقيوم ھاليجوي ، مولانا عبدالله پھوڙ ، انجنيئر عبدالرزاق عابد لاکو ، مولانا محمد صالح انڍھڙ ، آغا محمد ايوب شاھ، مولانا عبدالله مھر، ڊاڪٽر اي جي انصاري ، قاري لياقت علي مغل ،قاري محمد فاروق شيخ ، مفتي اعظم مھر ، مفتي قمرالدين ملاڻو ، مولانا امان الله سکروي ، مولانا مولا بخش مھر مولانا عبيدالله ڀٽو سميت سياسي سماجي واپاري اڳواڻن وڪيلن صحافين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جي يو آء جي اڳواڻن ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ۾ جي يو آء وڏي اڪثريت سان سوڀ ماڻي آھي ،ھنن چيوته جيڪي اسان جا عھديدار بلدياتي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيا آهن ، ھو سنڌ جي عوام جي بلاتفريق خدمت ڪندا ، ھن چيو ته اسان عام چونڊن۾ ڀرپور تيارين سان ميدان تي لھنداسين ، جي يوآ۽ ملڪ مان غربت ختم ڪري عوام کي خوشحال ڪندي، عھديدار ۽ ڪارڪن پنھنجي علائقن ۾ پارٽيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو ، ملڪ کي مولانا فضل الرحمان جھڙي سياستدان جي ضرورت آھي ، ھنن چيوته سنڌ صوبو جيڪو ملڪي معيشت ۾ 70فيصد روينيو 60فيصد گئس ڏئي رھيو آھي پرسنڌ جو عوام اڄ به بجلي ۽ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ بک بدحاليءَ پاڻي جي کوٽ ۽ بيروزگاري برداشت ڪري رھي آھي ، جڏھن ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال جي ڪري ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي چڪو آھي ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ گھوٽڪي ۽ جيڪب آباد ضلعا ڀنگ لاءِ اغوا جي انڊسٽري بڻجي چڪا آهن ،ھر روز معصوم ٻارڙا مزدور ۽ عورتون اغوا ٿي رھيون آھن، ڌاڙيلن وٽ نيٽو جا ھٿيار ڪٿان ٿا اچن ، بندوق جي زور تي سنڌ ۾ خوف جو راج جاري آهي ، ھن وقت به سنڌ مان گھٽ ۾گھٽ به 35کان 40 ماڻھون اغوا ٿيل آھن، جن۾ سکر جي سنگرار جي معصوم ٻارڙي پريا ڪماري به شامل آهي ، ۽ ھنگورجا واسي ٻارڙو جعفرڀٽو ، ننڍڙي فرحان سومرو، عظيم مڻيڪ ، چئين ورھين جي ڪوثر کوسو ۽ سندس والده نازيا کوسو سميت شامل آهن ، جنھن کي فلفور بازياب ڪرايو وڃي، سنڌ ۾امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي ، آخر۾ مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ پارايا ويا،