پارليامينٽ جا ميمبر پنهنجي خرچ تي حج جا فرض ادا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهن: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پارليامينٽ جا ميمبر پنهنجي خرچ تي حج جا فرض ادا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. خصوصي فلائيٽ جون ڳالهيون صحيح نه آهن. وزيرن جي اڳيان پٺيان پوليس جون گاڏيون هجن ته ماڻهو گاريون ڏيندا آهن؟ ايترو ئي ڊپ آهي ته سياست ڇڏي ڏيو، ٻئي صورت ۾ ذاتي گارڊ رکي ڇڏيو.قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته بجيٽ جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. هاڻ آءِ ايم ايف سان معاهدي جو مرحلو به مڪمل ٿي ويندو. اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته پارليامينٽ ميمبرن کي خصوصي جهاز ذريعي حج تي اماڻيو پيو وڃي. جڏهن ته ان جهاز ۾ عام حاجي به سوار هوندا. بجيٽ جي ڪري آخري حج اڏام پارليامينٽ ميمبرن جي لاءِ رکي وئي آهي ۽ پارليامينٽ ميمبر پنهنجي خرچ تي حج وڃي رهيا آهن. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي مراعتن واري بل کي قومي اسيمبلي منظور نه ڪري. اهڙين حالتن ۾ هن غريب قوم جو سينيٽ مان منظور ڪيل بل ڪنهن به صورت ۾ صحيح عمل نه آهي.دفاع واري وزير چيو ته آئيني عهدي کي پروٽوڪول جي ضرورت نه هوندي آهي. وزيرن جي اڳيان پٺيان پوليس جون گاڏيون هونديون آهن ته ماڻهو انهن کي گاريون ڏيندا آهن. جڏهن اسان سياسي عهدن تي نه هوندا آهيون ته پوليس پٺيان هوندي آهي. جيڪڏهن ايترو ئي خطرو آهي ته سياست ڇڏي ڏيو ڪو ٻيو ڪم ڪري وٺو. جيڪڏهن ڪنهن جي دشمني آهي ته اهو ذاتي حيثيت ۾ گارڊ رکي ڇڏي.