صدر ڊاڪٽر عارف علوي حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وقتي صدر جون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.ڪابينه ڊويزن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي وقتي صدر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.صدر عارف علويءَ سان گڏ 52 رُڪني وفد به حج تي روانو ٿيو آهي.