پاڪستان تحريڪ انصاف، ڪراچي جي وڌيڪ 6 مڪاني نمائندن کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي.پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ميئر ڪراچي جي چونڊ ۾ غير حاضر رهندڙ مڪاني نمائندن کي پارٽي مان ڪڍڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، نيڪالي ڏنل نمائندن ۾ صدر ٽائون جو علي رضا، ڪورنگي ٽائون جو سلمان خان، صدر ٽائون يوسي ون جو چيئرمين عمران پرواني ۽ مورڙو ميربحر ٽائون جو عبدالمجيد شامل آهن.انکانسواءِ اورنگي ٽائون يوسي 5 جي چيئرمين ملڪ اختر ۽ يوسي 7 مومن آباد جي محمد ادريس کي به پارٽي مان ڪڍيو ويو آهي.