طالبان جي امير مولوي هيبت الله اخوندزادا چيو آهي ته اندروني معاملن ۾ مداخلت ناهيون ڪندا ۽ نه ئي ڪنهن کي پنهنجن معاملن ۾ مداخلت جي اجازت ڏينداسين.افغان ميڊيا موجب مولوي هيبت الله پنهنجي بيان ۾ چيو ته امارت اسلاميا افغانستان دنيا سان سٺن سياسي ۽ معاشي لاڳاپن جو خواهشمند آهي، خاص طور تي اسلامي ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو.هن چيو ته اسان ڪنهن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ناهيون ڪندا، ڪنهن کي به پنهنجن اندروني معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏينداسين.طالبان جي سربراهه جو چوڻ هو ته معيشت جي بحران ۽ ڏيوالي جون اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، ملڪ ۾ آفيم جي پوک ختم ڪري ڇڏي ۽ هاري متبادل پوک ڪري رهيا آهن، هر قسم جي منشيات جي پيداوار ۽ سمگلنگ تي پابندي لڳائي وئي آهي.سندس چوڻ هو ته معاشي جي اڌ حصي جي حيثيت سان عورتن جي بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، شعريت موجب عورتن جي خوشحال زندگي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.