دبئي ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.ذريعن موجب پ پ پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ سيٽون گهريون آهن. مسلم ليگ(ن) پرويز اشرف، گيلاني خاندان ۽ ٻين تڪن ۾ اميدوار نه بيهاريندي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف به لنڊن کان دبئي پهچڻ کان پوءِ پ پ سان ٿيندڙ ملاقاتن ۾ موجود هوندو. شهباز شريف پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.ذريعن موجب اهم ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو نالو به فائنل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ ٻئي پارٽيون چونڊ جي تاريخ به فائنل ڪنديون.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ملاقات ۾ اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ جي معاملي تي به غور ڪيو ويندو ۽ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران اپوزيشن اڳواڻ جو نالو به فائنل ڪيو ويندو.ذريعن موجب استحڪام پاڪستان ۽ (ق) ليگ کي ڪيترين سيٽن تي ايڊجسٽ ڪرڻو آهي ان تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.